اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پوليو جي خاتمي، موذي مرضن کان ٻارن کي بچائڻ ۽ غذائيت جي کوٽ جي ??سئلن تي ضابطو آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم بل گيٽس سان صحت ۽ سيڪٽر پروگرامن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي ??اڪستان ۾ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي جاري تعاون کي وڌيڪ بهتر ۽ نتيجاخيز بڻائڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته وسيلن ۾ سڀني جي شموليت جي ??اءِ موجوده حڪومت خصوصي ڌيان ڏ??ي رهي آهي. بل گيٽس وزيراعظم شهباز شريف جي ??يادت ۽ پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو وائرس کان ٻارن کان معذور ٿيڻ کان بچائڻ جي ??اءِ پاڪستان جي ڀرپور جاري رکندو. وزيراعظم ?? بل گيٽس غذائيت جي کوٽ اسٽينڊرڊ گروٿ (اڻ مڪمل واڌويجهه) بيمارين کان بچاءُ جي ??ازمي خدمتن جي ??راهمي بابت ڳالهه ٻولهه ڪئي. ان کانسواءِ مائيڪرو پيمنٽ گيٽ وي (راست) ۽ قو??ي بچاءُ پروگرام کي ڊيجيٽل ڪرڻ بابت معاملا به غور هيٺ آيا. وزيراعظم ?? بل گيٽس ويجهي تعاون ۽ گڏيل حصيداري سان ڪم جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو. واضح رهي ته بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن پاڪستان ۾ صحت ۽ ٻين سماجي ڀلائي جا پروگرام هلائي رهي آهي.