اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ??يو آهي ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهن، عورتن کي سڀني شعبن ۾ نمائندگي ڏئي ملڪ کي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي رستي گامزن ڪري سگهجي ٿو. عورتن جي منشور جي ??وض??ع تي ٻن ڏينهن واري ڪ??نفرنس جي پڄاڻيءَ واري تقريب کي خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف ??يو ته منهنجي لاءِ اها وڏي اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان اڄ عورت ڪاڪس جي تقريب ۾ موجود آهيان، عورتن جي شموليت کانسواءِ ڪوبه معاشرو ترقي نٿو ڪري سگهي. هن ??يو ته اسان جي عورتن جون صلاحيتون دنيا جي ڪنهن به عورت کان گهٽ ناهن، مان عورت اسيمبلي ميمبرن کي تمام وڏي ذميداريءَ سان ڪم ڪندي ڏٺو آهي، مرد عورتن کي معاشري ۾ اڳتي اچڻ ۾ رهنمائي ڪن. اسيمبلي ۾ صنفي امتياز کانسواءِ سڀ ميمبر برابر هوندا آهن صرف ۽ صرف معزز اسيمبلي ميمبر هوندا آهن. راجا پرويز اشرف جو چوڻ هو ته جڏهن توهان پارليامينٽ ۾ آهيو ته اتي توهان کي ڪم ڪرڻو پوندو آهي. عورتون ??وري طور تي سڌيءَ ريت چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهن ته گهٻرائڻو ناهي، پنهنجي لاڳاپيل سياسي پارٽيءَ سان پنهنجي وابستگي جاري رکي وڃي، جڏهن سياسي پارٽيون عورتن جي نمائندگيءَ تي سٺو سوچينديون آهن ته باقي پارٽيون به سوچينديون. بلوچستان اسان سڀني جو آهي ۽ اسان سڀ هڪ آهيون. ڪانفرنس ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ لاءِ هاڪاري تجويزون ??يش ڪيون ??يون. ان تي عملدرآمد سان سٺا نتيجا ملندا. ان موقعي تي پارلياماني وومن ڪاڪس جي سيڪريٽري ڊاڪٽر شاهده رحماني سڀني شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪيو. هن ڪامياب ڪانفرنس منعقد ٿيڻ تي قومي اسيمبلي اسپيڪر راجا پرويز اشرف ۽ وومن ڪاڪس جي ڪ??دار کي ساراهيو.