اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب ??رد??ان جي وچ ۾ ٽ??ليفون تي رابطو ٿيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني. صدر ??رد??ان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ پاڪستان جي عوام کي عيد جي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ?? ٻطرفن لاڳاپن جو پڻ جائزو ورتو. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جو س??ون اجلاس قيادت کي ٻنهي ملڪن جي وچ ?? ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن خاص طور تي اقتصادي شعبي ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان ۽ ترڪيه جا لاڳاپا مذهب، ثقافت ۽ تاري??ي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. قيادت جي سطح تي باقاعدگي سان رابطو ان اسٽريٽجڪ حصيداري جي نمايان خصوصيت آهي.