اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شه??از شريف پيرس ۾ فرانس جي صدر ايمانوئل ميڪرون جي دعوت تي نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي فرانس ۾ آهي. هو ع??لم?? مالي??تي اداري ۾ سڌارن، موسمي??تي فنانس، گرين انفراسٽرڪچر، ايس ڊي جيز کي حاصل ڪرڻ ۽ قر?? بابت حل جي لاءِ پاڪستان جو موقف ۽ تجويزون پيش ڪندو. وزيراعظم ڏکڻ آفريقا جي صدر ماتا ميلا سيرل راما فوسا، چين جي وزيراعظم لي يانگ ۽ يورپي ڪميشن جي صدر ارسلا وا?? ڊير لي يين سميت شريڪ اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪندو.