اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) وفاقي بجيٽ 24 – 2023ع ۾ پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ مجموعي طور تي 3 ارب رپين جا ??نڊ?? رکيا ويا آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته مون کي اهو اعلان ڪندي خوشي ٿي رهي آهي ته پهريون ڀيرو فلم فنانس فنڊ ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ ??نڊ?? رکيا ويا آهن. فلم فنانس فنڊ جي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ فنڪارن جي هيلٿ انشورنس جي لاءِ هڪ ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته مون کي يقين آهي ته گڏيل طور تي ??هي قدم اسان جي فلم انڊسٽري جي ترقي ۽ فنڪارن جي ڀلائي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪندا. هن چيو ته اهو قدم فلمن جي ذريعي پاڪستان جي ب??ان??ي، ورثي ۽ ثقافت جي فروغ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ اسڪرين ٽوئرازم جي ترقي ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪندو.