اسلام آباد-04 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيھ جي صدر رجب طيب اردوان جي حلف برداري واري تقريب جي موقعي تي انقره ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون. وزيراعظم شهباز شريف ترڪيھ جي اڳوڻي نائب وزيراعظم ۽ ايم ايڇ پي پارٽي جي چيئرمين دولت باهچيلي سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف کيس صدر اردوان سان گڏ چونڊن ۾ ڀرپور ڪاميابي ??ي مبارڪون ڏنيون. حلف برداري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ڪوسوو جمهوريه جي صدر وجوسه عثماني ساديرو جي به ملاقات ٿي، ٻنهي اڳواڻن ٻه طرفي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي خواهش جو اظهار ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف جي اي??ان جي اول نائب صدر محمد مخبر سان به ملاقات ٿي. وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ سيستان سرحد ??ي مارڪيٽون قائم ڪرڻ ۽ اي??ان جي صدر سان پنهنجي هاڻو??ي ملاقات جو حوالو به ڏنو. هن چيو ته اي??ان ۽ پاڪستان وچ ۾ بارٽر واپار ه?? سٺي اڳڀرائي آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدو ٿيندو. صدر اردوان جي حلف برداري واري تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف ازبڪستان جي صدر شفقت مرزايوف سان به ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن علائقائي سهڪار، خطي کي رابطن سان ڳنڍڻ ۽ مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار جي رفتار تيز ڪرڻ تي به ڳالهيون ڪيون.