رديگ – 18 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند تعلقي جي ??لائقي رديگ ۾ مند پشين بارڊر مارڪيٽ ۽ 100 ميگاواٽ گبد ??ول??ن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، توانائي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو به موجود هئا. وزيراعظم شهباز شريف جي گوادر پهچڻ تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سندن آجيان ڪئي، جنهن کانپوءِ وزيراعظم مند پشين بارڊر مارڪيٽ جي ??فتتاح جي لاءِ مند تعلقي جي ??لائقي رديگ پهتو، جتي ايران جي ??در ابراهيم رئيسي وزيراعظم جي ??جيان ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن گرمجوشي سان هٿ ملايو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي مند پشين بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو ۽ ٻنهي اڳواڻن مارڪيٽ جي مختلف حصن جو معائنو ڪيو ۽ دوستي جي ??لامت طور ٻوٽو پڻ پوکيو. بارڊر مارڪيٽ جي قيام سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ ۾ مدد ملندي. سرحد جي ٻنهي طرفن رهندڙ ماڻهن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ اسمگلنگ روڪي ويندي. ان کانسواءِ به حڪومت وڌيڪ 5 مارڪيٽس تي به ڪم ڪري رهي آهي، جن کي جلد واپار جي لاءِ کوليو ويندو. بعد ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي ??در ابراهيم رئيسي 100 ميگاواٽ گبد ??ول??ن بجلي جي ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪيو. گبد ??ول??ن ٽرانسميشن لائين وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ??اتي دلچسپي جي ڪري رڪارڊ مدي ۾ تعمير مڪمل ٿي آهي. ان ٽرانسميشن لائين جي مڪمل ٿيڻ سان ايران کان درآمد ٿيندڙ سستي بجلي جي مجموعي مقدار 204 ميگاواٽ ٿي وئي آهي. 132 ڪي وي جي ٽرانسميشن لائين کي اپ گريڊ ڪري 220 ڪي وي ڪيو ويو آهي. چئن مهينن جي ??ڪارڊ مدي ۾ اهو منصوبو مڪمل ڪيو ويو آهي. نئين ٽرانسميشن لائين سان بلوچستان جي ??رحدي علائقن ۾ بجلي جي پهچ ۾ بهتري ايندي ۽ ڪاروباري سرگرمين جي لاءِ بجلي جي وڌيڪ مقدار ميسر ايندي. ان منصوبي جي مڪمل ٿيڻ سان وزيراعظم شهباز شريف جو بلوچستان ۾ بنا رڪاوٽ بجلي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿي ويو آهي.