ل??ڊن – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دولت مشترڪه جي اڳواڻن تي زور ڏنو آهي ته اهي تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ل??ڊن ۾ دولت مشترڪه جي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنهنجي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته بادشاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي هڪ نئين دور جي شروعات ??هي. وزيراعظم اڳواڻن تي زور ڏنو ته اهي دولت مشترڪه تنظيم کي سگهه ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته دولت مشترڪه جي ملڪن جي وچ ۾ هم آهنگي ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن گڏيل ترقي جو خواب پورو ٿي سگهي. وزيراعظم پاڪستاني نوجوانن ۽ هنرمند?? کي بهترين موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي حڪومت جي عزم جو پ?? ذڪر ڪيو. هن چيو ته ان جي حڪومت عورتن ۽ نوجوان?? کي بااختيار بڻائي رهي آهي ۽ پٺتي پيل طبقو جهڙوڪ مذهبي ۽ نسلي اقليتن، معذور ماڻهن ۽ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي مرڪزي ڌارا ۾ آڻي رهي آهي.