اسلام آباد – 10– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزي?? مريم ا??رن??زيب 1973ع جي آئين جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي قوم کي ??بارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو ٿيندو، قوم جي ڏکن جو مداوو ٿيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزي?? مريم ا??رن??زيب چيو ته هي عوام جي حقن ۽ رياستي ادارن جي فرضن جو ڪتاب آهي، هي اتحاد ۽ اتفاق جي ضامن، عدل ۽ انصاف، برابري ۽ آزادي جي ضمانت آهي، هي واعدو آهي الله تعاليٰ سان ته حاڪميت رڳو ??ن جي آهي، هي اختيار عوام چ??نڊ??ل نمائندن جي ذريعي استعمال ڪندو. آئين کان انحراف تي ملڪ ۽ قوم صدما برداشٽ ڪيا، ناچاقي ۽ نااتفاقي، محرومين، دهشتگردي، معاشي تباهي، مهانگائي جا عذاب برداشت ڪيا. هن چيو ته آئين کان انحراف سان ادارا برباد ٿيا، عدل ۽ انصاف جي جڳهه ظلم ورتي، اچو وچن ڪريون ته ايندڙ 50 سال ماضي جي 50 سالن جي غلطين جو ازالو هوندا، قوم جي ڏکن جو مداوو هوندا.