اسلام آباد – 05– اپريل (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي اسرائيلي فورسز پاران مسجد اقصيٰ جي اندر فلسطيني نمازين تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري هڪ بيان ۾ صدر چيو ته افسوس جو اسرائيل مذ??بي جاين جي تقدس سميت انسانيت جي ڪنهن به اصول جو خيال نه رکيو، اسان کي رمضان جي مقدس مهيني ۾ نمازين تي ڪڌي حملي ۾ بربريت جي انتها ڏسڻ لاءِ ملي. هن ع??لمي برادري تي زور ??نو ته اها پرامن ع??ادت گذارن جي خلاف ان وحشياڻي ۽ غيرانساني فعل جي مذمت ڪري.