اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ڪلرڪهار ۾ مسافر بس ??ادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي فوت ٿيندڙن جي پوئيرن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم زخمين کي بهترين طبي سهولتون ف??اهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم فوت ٿيندڙن جي مغفرت، گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا به ڪئي.