اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز جي اشتعال انگيز ۽ انڌاڌنڌ فائرنگ جي واقعي جي سخت م??مت ??ئي آهي ??نهن جي نتيجي ۾ 6 پاڪستاني شهري فوت ۽ 17 زخمي ٿيا آهن. پرڏ??هي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اهڙي قسم جا افسوسناڪ واقعا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن موجب نه آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ??ه افغان عملدارن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ??ه اهڙن واقعن کان پاسو ڪيو وڃي ۽ ذميوارن جي خلاف سخت ترين ڪارروائي ??ئي وڃي. ترجمان چيو ته سرحد تي شهرين جي حفاظت ڪرڻ ٻنهي ڌرين جي ذميواري آهي، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپيل عملدار ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ رابطي ۾ آه?? ته صورتحال وڌيڪ خراب نه ٿئي ۽ ته جيئن اهڙن واقعن کان بچي سگهجي.