اسلام آباد– 24 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري سان قطر جي پاڪستان ۾ سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل آل ثاني ملاقات ڪئ?? آهي. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري فيفا ورلڊ ڪپ منعقد ڪرڻ تي قطر جي سفير کي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي ??زارت پاران جاري بيان موجب قطر جي سفير پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري کي قطر جي پرڏيهي ??زير جي فيفا ورلڊ ڪپ مئچ قطر ۾ ڏسڻ جي دعوت پهچائي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قطر سان پاڪستان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ اسلامي اخوت ۽ ڀائيچاري، گڏيل اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل تاريخي لاڳاپا قائم آهن.