برلن – 07 – ??ڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جرمني جي دوري جي موقعي تي برلن ۾ پاڪستان جي سفارتخاني جو دورو ڪيو. هن سفارتخاني ۾ آفيسرن سان ملاقات ۽ ڊيجيٽل ٽوئرازم ڪارنر جو افتتاح پڻ ڪيو. پرڏيهي وزير آگمنٽڊ ۽ ورچوئل ريئلٽي جي ذريعي پاڪستان جي سياحتي ورثي جي فروغ کي ساراهيو ۽ پسنديدگي جو اظهار ڪيو. ڊيجي??ل ميونخ جي سي اي او ارسلان منهاس پرڏيهي وزير کي بريف??گ ڏني. پرڏيهي وزير ورچوئل ريئلٽي گلاسز پائي ڊيجيٽل سياحت مان لطف اندوز ٿيو. ڪنهن به پاڪستاني سفارتخاني ۾ پنهنجي طرز جو هي پهريون منصوبو آهي.