اسلام آباد -26 سيپٽمبر (اي پ?? پي) پاڪ فضائيه سنڌ، بلوچستا??، ڪي پ?? ڪي ۽ ڏکڻ پنجاب جي ٻوڏ متاثرن جي بح??لي جو عمل جاري رکيو آهي. پاڪ فضائيه ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ کين ٻن مهينن جو راشن ڏنو. ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بح??لي جو ڪم مڪمل ٿيڻ تائين ٻوڏ متاثرن کي پاڻڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پاڪ فضائيه جي ترجمان مطابق پاڪ فضائيه جي فيلڊ ميڊيڪل ڪيمپن ۾ ٻوڏ متاثرن کي مفت دوائون ۽ طبي امداد فراهم ڪئي پئي وڃي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران پاڪ فضائيه جي ايمرجنسي ريسپانس ٽيمن ضرورتمند ڪٽنبن ۾ 16650 تيار کاڌي جا پ??ڪي??، 750 پاڻي جون بوتلون ۽ 777 خشڪ راشن جا ٿيلها ورهايا. ان کان علاوه پاڪ فضائيه جي ميڊيڪل ٽين 920 مريضن جو طبي معائنو ڪيو.