اسلام آ??اد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪا مان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني امداد جي سلس??ي ۾ وڌيڪ ٻه امدادي اڏامون ڪراچي جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويون. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ مجموعي طور تي آمريڪا مان اهڙيون 20 اڏامون امدادي سامان کڻي پهتيون آهن. ترجمان چيو ته پاڪستان آمريڪا پاران انساني امداد جي گرمجوشي ۽ ٿورن س??ن آجيان ڪري ٿو.