اسلام آباد – 14 سيپٽ??بر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جرمني واپار ۽ سيڙپڪاري سميت ٻطرفي دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي جڏهن ته جرمني ٻوڏ سبب متاثر ماڻهن جي امداد لاءِ پاڪستان کي ??ڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل سان پاڪستان ۾ جرمني جي سفير الفرڊ گراناز ملاقات ڪئي. وفاقي وزير جرمن سفير کي ??اڪستان ۾ نيون ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۽ جرمني وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي روشني وڌي. هن ٻڌايو ته پاڪستان جرمني سان پنهنجي لاڳاپن خاص طور ت?? واپار، سيڙپڪاري ۽ معيشت جي شعبن ۾ تعاون کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. ناڻي واري وزير ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافي لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪري رهي آهي ۽ جرمني جي سيڙپڪارن کي ??اڪستان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. ناڻي واري وزير جرمني جي سفير کي ??اڪستان ۾ چوماسي جي تازين برساتن ۽ شديد ترين ٻوڏ سبب جاني ۽ مالي نقصان جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو. جرمن سفير ناڻي واري وزير جو ٿورو مڃيو. هن پاڪستان سان مختلف شعبن خاص طور ت?? اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي ۾ گهري دلچسپي ظاهر ڪئي، جرمني جي سفير تازي ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته جرمني امدادي ڪاررواين ۾ پاڪستان سان مڪمل تعاون فراهم ڪندو، ملاقات ۾ ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ ڌرين مختلف شعبن ?? لاڳاپن ۽ تعاون کي ??ٿي ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.