اسلام آباد – 13 – سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پاڪستان سان قانوني مدد جي حوالي سان لکت معاهدو نه رکندڙ ملڪن پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وز??رت جي سمري منظور ڪري ورتي جڏهن ته وزيراعظم ناڻي واري وز??رت ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪئي آهي ته حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي حوالي سان بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو ان کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي فراهمي جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم شهباز شريف جي صد??رت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ا??لام آباد ۾ ٿيو. وزيراعظم سمورن ڪابينا ميمبرن کي ڀليڪار چيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ حڪومتي ڪوٽا تي حاجي سڳورن جي اوور بڪنگ جي معاملي جي انڪوائري رپورٽ بحث هيٺ آئي. ان معاملي تي جوڙيل ڪميٽي ۾ ناڻي واري وزارت، مذهبي معاملن واري وز??رت ۽ اسٽيٽ بئنڪ جا نمائندا شامل هئا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اوور بڪنگ جي معاملي ۾ مفاهمت جا مسئلا هئا ۽ ڪنهن به قس?? جي بدنيتي جا ثبوت نه مليا. جن بئنڪن پاران حاجي سڳورن جي حڪومتي ڪوٽا تي اوور بڪنگ ڪئي وئي هئي، انهن بئنڪن پاران حاجي سڳورن کي معاوضي جي رقم ادا ڪئي وئي آهي. وزيراعظم ناڻي واري وز??رت ۽ اسٽيٽ بئنڪ کي اها هدايت ڪئي ته انهن بئنڪن کان اهو ضرور پڇيو وڃي ته انهن ان معاملي ۾ لاپرواهي کان ڪم ڇو ورتو. وزيراعظم ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بئنڪن کي پنهنجو ڪم موڪل واري ڏينهن به جاري رکڻ جي لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي هدايت ڪري ڇڏي. وفاقي ڪابينا اهڙن ملڪن جن سان پاڪستان جو قانوني مدد جي حوالي سان ڪو لکت وارو معاهدو نه آهي پاران گڏيل قانوني مدد جون درخواستون قبول ڪرڻ جي گهرو وز??رت جي سمري منظور ڪري ورتي. وفاقي ڪابينا نيشنل هيلٿ سروسز، ر??گيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن پاران 10 دوائن تي ريٽيل پرائس وڌائڻ جي سمري رد ڪري ڇڏي. وزيراعظم چيو ته آئون دوائن جي قيمتن ۾ اضافي جي قطعي حمايت نه ٿو ڪريان. وفاقي ڪابينا سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وز??رت جي سفارش تي بجلي سان هلندڙ پنکن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ انرجي پرفارمنس ا??ٽينڊرڊ جي مدي ۾ 30 جون 2023ع تائين توسيع جي منظوري ڏئي ڇڏي. جڏهن ته وزيراعظم سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وز??رت کي هدايت ڪئي ته ان حوالي سان 30 جون 2023ع کان اڳ گهٽ کان گهٽ انرجي پرفارمنس ا??ٽينڊرڊ کي بهتر ڪوالٽي تي آڻڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي وڃي. وفاقي ڪابينا ليجيسليٽو ڪيسز بابت ڪميٽي جي 2 سيپٽمبر 2022ع جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪري ڇڏي. جن ۾ بائيو اسٽڊي رولز 2017ع جي رول 13 ۾ ??رم???? جي منظوري، اميگريشن آرڊيننس جي سيڪشن 15 ۾ ??رم???? جي منظوري، گئس چوري جي روڪٿام ۽ وصولي ايڪٽ 2016ع ۾ ??رم??من جي منظوري، اويڪيو ٽرسٽ پراپرٽي بورڊ جي سيڪريٽري جي جڳهه تي سروس رولز ۾ ??رم??من جي منظوري، سولر اوزارن، اليڪٽرڪ موٽرز، پاور ٽرانسفارمر کي پاڪستان اسٽينڊرڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي ۾ شموليت شامل آهي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي اي سي سي جي 8 سيپٽمبر جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ يوٽيلٽي اسٽورز ٻوڏ متاثرين جي کاڌي پيتي جي ضروري شين جي خريداري جي 54 ڪروڙ رپين جي منظوري، پاسڪو جي ايجنسين جي وچ ۾ مقامي ۽ درآمد ٿيل ڪڻڪ جي ذخيري جي ورڇ جي منظوري، افغانستان ۾ ٽن پاڪستاني اسپتالن ۾ اوزارن جي خريداري، پگهارن ۽ فعاليت جي لاءِ رق?? جي منتقلي جي منظوري، ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي جي لاءِ اين ڊي ايم اي کي 3 ارب رپين جي منظوري شامل آهي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي قيمت جي تعين ۽ يوريا جي ورڇ جي حوالي سان صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير طارق بشير چيما، ميري ٽائيم افيئرز واري وفاقي وزير فيصل سبزواري، وزيراعظ?? جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ واپار واري سيد نويد قمر کي ٽاسڪ ڏنو ويو.