پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ متاثر بجلي جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي سان ??جلاس جي صدارت ڪندي هن چي?? ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان ??و ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان ??وبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي ٻُڌاي?? ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز متاثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌاي?? ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان ??جلي جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جاري آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن وفاقي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌاي?? ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ متاثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان ??اري آهي. وفاقي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چي?? ته صوبي ۾ بجلي جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان ??لسلي ۾ وزارت طرفان ??حالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.