اسلام آباد– 30 – آگسٽ (ا?? پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ٻوڏ متاثرين جي ام??اد ۽ بحالي جي لاءِ هڪ ڪلاڪ ۾ گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن کان اٽڪل هڪ کرب 30 ڪروڙ روپيا جمع ڪري ورتا. آمريڪا پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اپيل کانپوءِ پاڪستان کي ساڍا 6 ارب رپين جي ام??اد ڏني آهي. پرڏيهي وزير جي اپيل تي ورلڊ بئنڪ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، صحت جي عالمي اداري، يونيسيف، هل??ل احم??، ريڊ ڪراس سميت گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن مثبت ردعمل ڏنو آهي. ان کانسواءِ فوري طور تي چين، ترڪيه، آمريڪا، برطانيا، آذربائيجان، سعودي عرب، قطر، ڪويت، گڏيل عرب ام??رات ۽ ٻين ملڪن فوري ام??اد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي وزير جي اپيل تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن پاران روڪ ام??اد کانسواءِ تنبُو، دوائن، کاڌ?? پيتي جي شين سميت ٻئي اهم ام??ادي سامان جي پڻ ام??اد فراهم ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اپيل تي گڏيل قومن جي ميمبر ملڪن سميت مختلف عالمي ادارن پاران پاڪستان جي ام??اد جو سلسلو جاري آهي.