اسلام آباد -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ۾ جاپان جي سفير واڊا مٽسو هيرو يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي پرمسرت موقعي تي جاپان جي عوام طرفا?? پاڪستاني عوام لاءِ دلي مبارڪن ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته هل??دڙ سال اسان جي سفارتي لاڳاپن جي 70هين سالگره ملهائي پئي وڃي. جاپاني سفير چيو ته پنهنجي عهد جي تج??يد ڪيان ٿو ته ايندڙ 70 سالن تائين پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جاري رکندس. جاپا?? پاڪستان دوستي زنده باد، عزم عاليشان، شاد رهي پاڪستان.