اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت پاران نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول (NASFF – 21) جي ??سڪ??لرشپس حاصل ڪندڙ ڪامياب نوجوانن جي مان ۾ مانجهاندي واري تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. تقريب جو مقصد نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول جي ??سڪ??لرشپس کٽيندڙ نوجوانن کي عالمي شهرت يافته فلم انسٽيٽيوٽ نيويارڪ فلم اڪيڊمي، آسٽريليا ۾ تعليم حاصل ڪرڻ ??ي لاءِ روانو ٿيڻ کان اڳ ڪاميابي کي ملهائڻ هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اي??ڊ پبليڪيشنز (ڊي اي اي?? پي) عمرانه وزير، ايڊيشنل سيڪريٽري مبشر توقير، ڊائريڪٽر (ڊي اي اي?? پي) آصف الرحمان، آءِ ايس پي آر جي آفيسرن برگيڊيئر عمران نقوي ۽ ميجر احمد بٽ پڻ تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول ??سڪ??لرشپس حاصل ڪندڙن حمزه بن افتخار، عقيده چشتي، روح الله ڪشفي، شاهه زيب علي، ثقلين عباس، حذيفه احمد، مريم نقوي، وشال ڪدواني، عرفان نور بخش ۽ حارث لطيف موجود هئا. ان موقعي تي اي??نيٽي مان صبا چوهاڻ، ميثم رضا ۽ محمد ياسر پڻ موجود هئا. ان موقعي تي خطاب ڪندي اطلاعات واري سيڪريٽري نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول جي ??سڪ??لرشپس حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان جي نوجوانن ۾ وڏي صلاحيت موجود آهي. نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول نوجوانن کي ميڊيا سائنسز ۽ فلم سازي جي ميدان ۾ ب??تر??ن ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ??ي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته نيشنل ام??چو?? شارٽ فلم فيسٽيول پليٽ فارم پاڪستان جي نوجوانن ??ي لاءِ ان شعبي ۾ پنهنجو ڪيريئر بڻائڻ جو ب??تر??ن موقعو آهي. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي تحقيقي صلاحيتن ۽ مهارتن جي اظهار لاءِ اهڙن اي??نٽس ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن.