انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، ترڪ سيڙپڪار ان مان فا??دو کڻن، حڪومت هر ممڪن سهولت فرهام ڪندي، خو??حال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ فڪر تازا ۽ جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي. پاڪس??ان ترڪي بزنس ڪائونسل جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان ۽ ترڪي جي وچ ۾ گهرا رشتا هموار آهن ۽ ٻئي ملڪ دوستي جي مضبوط ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن جي زبان ڌار، پر ثقافت هڪ ئي آهي، پاڪس??ان ۽ ترڪي هر مشڪل وقت ۾ هڪٻئي جو سا?? ڏنو آهي، ترڪ عوام زلزلي، ٻوڏ ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ پاڪس??ان سان تمام گهڻو تعاون ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا کي ڪورونا وائرس جي وبا ۽ روس – يوڪرين جنگ جي ڪري معاشي مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو آهي، وزيراعظم چيو ته گذريل رات ترڪ واپارين سا?? تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ۽ عوامي رابطا وڌ??ئڻ جا موقعا موجود آهن. هن ترڪ واپارين ۽ سيڙپڪارن کي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته ترڪ سيڙپڪارن جي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري کي قدر جي نگاهه سا?? ڏسي ٿو، هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، هن ٻنهي ملڪن جي ڪارسازي ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي شعبي ۾ تعاون جا موقعا موجود آهن. هن چيو ته سندس حڪومت پاڪس??ان کي درپيش معاشي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي، پاڪس??ان زندگي جي مختلف شعبن ۾ ترڪي جي تجربن مان فا??دو حاصل ڪرڻ چاهي ٿو، توانائي جي شعبي ۾ ترڪ سيڙپڪارن جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن، پاڪس??ان ۾ ڊيمز جي شعبي ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، وزيراعظم چيو ته پن بجلي سا?? 40 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي، ترڪ سيڙپڪارن کي ان مان فا??دو وٺڻ گهرجي، وزيراعظم جديد ۽ خو??حال معاشري جي جوڙجڪ لاءِ جدت ۽ فڪر جي اهميت جي اجاگر ڪندي چيو ته اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي نئين سوچ، جديد مهارتن کي استعمال ۾ آڻينديون آهن، هن چيو ته پاڪس??ان جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي مشتمل آهي، انهن کي جيڪڏهن جديد مهارتن ۽ ٽيڪنالاجي سا?? ليس ڪيو وڃي. هن چيو ته آءِ ٽي جي شبعي ۾ وسيع موقعا موجود آهن، وزيراعظم ترڪ ڪمپنين کي پاڪستاني ڪمپنين سا?? گڏيل منصوبن جي تجويز به ڏني ۽ خاطري ڪرائي ته حڪومت سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار جي راهه ۾ آيل سڀئي رڪاوٽون ختم ڪندي ۽ هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي، ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، واپار وارو وزير سيد نويد قمر ۽ چوڌري سا??ڪ حسين سميت پاڪستاني وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.