اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پشاور ۾ سک برادري سان تعلق رکندڙ ٻن پاڪستانين جي قتل جي سخت مذمت ڪندي هدايت ڪئي آهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير صوبي ۾ ش??رين خاص طور تي غيرمسلمان پاڪستانين جي جان ۽ مال جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻي، رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري ق??نو?? موجب سخت سزا ڏني وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان دهشتگردي جي پٺيان پاڪستان دشمني آهي، اهڙن دشمنن کي ختم صفحه هستي تان مٽائي ڇڏينداسين. وزيراعظم شهباز شريف رنجيت سنگهه ۽ ڪنول سنگهه ج?? گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته متاثر خاندانن کي يقين ڏياريون ٿا ته قاتلن جي گرفتاري ۾ وفاقي حڪومت ??ڪم?? تعاون ڪندي.