اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي)اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر اوورسيز پاڪستا??ين جي ووٽن کان ڊنل آهي، پيپلزپارٽي کي سڀني کان وڌيڪ نقصان آصف علي زرداري پهچايو، نواز شريف ضياءُ الحق جي نرسري ۾ وڌيو ويجهو، اسان جو سياسي بيانيو اهو آهي ته دنيا ۾ ڪو به پاڪستاني ڇاتي تي هٿ هڻي چئي ته اهو پاڪستاني آهي، هي اهو بيانيو آهي جي??و عمران خان کان پهرين پاڪستان ۾ ڪنهن اڳواڻ ناهي ڏنو، پنهنجو پاڻ تي اعتماد، پنهنجي قوم تي اعتماد، پنهنجي اڳواڻ تي اعتماد، اڄ پورو پاڪستان عمران خان کي انهي اعتماد سان ڏسي ٿو، سدائين اهو چيو ته سياسي قد ڪاٺ وارن کي ووٽ ڏيو، ان کي ووٽ نه ڏيو جنهن جي پنهنجي ڪا به حيثيت نه هجي، اهڙي ماڻهو کي اڳواڻ بڻايو جي??و توهان جي عزت ۾ اضافو ڪري، توهان گواهه آهيو ته پوري دنيا ۾ پاڪستا??ين جي عزت وڌي آهي، اڄ اسان پنهنجو پاسپورٽ فخر سان سامهون رکون ٿا ته دنيا ۾ ان پاسپورٽ جي عزت ۽ توقير آهي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين اسلام آباد ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اهتمام هيٺ منعقد اوورسيز پاڪستانيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستا??ين جي قيادت کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار چئون ٿا، سمورن اوورسيز پاڪستا??ين جا ٿورا ادا ڪرڻ چاهيان ٿو ته اهي اسان سان گڏ بيٺل رهيا آهن، اوورسيز پاڪستانيز جي سوچ اصل قومي سوچ جو اظهار آهي، وزيراعظم ??مران خان سائي پاسپورٽ جي عزت ۾ اضافو ڪيو آهي، اڄ اسان فخر سان چئون ٿا ته اسان جو وزيراعظم ??مران خان آهي، اڄ اسان جو وزيراعظم ??هو ناهي جنهن جون ڪانپين ٽانگ رهيون هجن، وزيراعظم ??مران خان جڏهن عالمي شخصيتن سان ڳالهائيندو آهي ته هو پاڪستا??ين جي عزت ۾ اضافو ڪندو آهي، وزيراعظم ??مران خان هر فورم تي پاڪستا??ين جي ڳالهه ڪندو آهي، اوورسيز پاڪستا??ين جي حقن جو سدائين خيال رکيو آهي ۽ انهن جي حقن لاءِ جنگ جاري رکندو. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جو چوڻ آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 90 لک اوورسيز پاڪستاني ووٽ جو حق نٿا رکن جڏهن ته اسان چئون ٿا ته اهي حق رکن ٿا، اوورسيز پاڪستانيز جي??ڏهن 31 ارب ڊالر پاڪستان نه موڪلين ها ته اڄ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿي چڪو هجي ها، پاڪستان ۾ ووٽ وجهڻ اوورسيز پاڪستا??ين جو حق آهي ۽ اهو حق عمران خان کين ڏياريندو. وفاقي وزير چيو ته اڄ عمران خان سڀني کان مقبول اڳواڻ آهي، نواز شريف ۽ زرداري ان جي ويجهو به ناهن آهن، نواز شريف ۽ زرداري جي لاءِ پارڪ ۾ هلڻ به مشڪل ٿي ويندو آهي جڏهن ته عمران خان لکن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندو آهي، ميلسي، حافظ آباد ۽ بون??ر جا جلسا ان ڳالهه جو ثبوت آهن ته عوام عمران خان سان گڏ بيٺل آهي، گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ چئني صوبن جي ماڻهن جون دليون عمران خان سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، نواز شريف، زرداري جي ٻارن کي چوان ٿو ته اهي عمران خان وانگر پاڪستان ۾ جلسا ڪري ڏيکارين، بينظير ڀٽو ۽ ذوالفقار علي ڀٽو تمام وڏا اڳواڻ هئا، آصف علي زرداري پيپلزپارٽي جو ستن سالن ۾ ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آهي، اطلاعات واري وزير چيو ته وزيراعظم ??مران خان تي پوري پاڪستان کي اعتماد آهي، اوورسيز پاڪستاني اسان کان وڌيڪ ووٽ ڏيڻ جو حق رکن ٿا، اوورسيز پاڪستا??ين جي حقن جو سدائين دفاع ڪنداسين، وزيراعظم ??مران خان اوورسيز پاڪستا??ين کي حق ڏيارڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي، پاڪستا??ين جون دليون وزيراعظم ??ان گڏ ڌڙڪن ٿيون.