اسلام آباد – 03 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي سفر جي شروعات ڪر?? ڇڏي آهي، عوام خاص طور تي نوجوانن ۽ ٻارن کي نبي ڪر??م ﷺ جي سيرت ۽ تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ غلط ۽ صحيح ۾ فرق سيکارڻ جي ضرورت آهي، رحمت للعالمين ﷺ اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ ڏيندي، اولهه ملڪن ۾ ڪير عوام جو پئسو چوري ڪرڻ جو سوچي به نه ٿو سگهي، هتي ڪر??شن ڪندڙن تي گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا، معاشري کي انهن مافياز جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو جيڪي قانون جي حڪمراني نه ٿا چاهين ۽ اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي رحمت للعالمين اٿارٽي جي مڪمل فعال ٿيڻ جي سلسلي ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته آئون اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر انيس احمد جا ٿورا مڃان ٿو جن??ن اٿارٽي جو روڊ ميپ پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته ان اٿارٽي قائم ڪرڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي. هن چيو ته نبي ڪر??م ﷺ اسان کي جيڪو پيغام ڏنو اسان کي پنهنجي ٻارن ۽ نوجوانن کي ان پيغام کان آگاهه ڪرڻو پوندو. اسان کي ٻارن کي اهو سيکارڻ جي ضرورت آهي ته اسان نماز ۾ جڏ??ن انهن ماڻهن جي رستي تي هلڻ جي دعا ڪر??ون ٿا جيڪي انعام يافته آهن ته ان مان ڪهڙي مراد آهي. وزيراعظم چيو ته نبي ڪر??م ﷺ جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪيون اهي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي جي حصي نه آيون. الله تعاليٰ اسان کي پاڻ ﷺ جي تعليم ۽ نقش قدم تي هلڻ جو حڪم ڏنو. نبي ڪر??م ﷺ جو رستو آسان نه هو پر اهو انسان جي عظمت جو رستو هو. جڏ??ن اسان اسڪولن ۾ هئاسين ته اسان کي اهي شيون نه پڙهايون ويون ۽ اهو نه ٻڌايو ويو ته اهي ڪهڙا اصول هئا جن تي عمل ڪر?? مسلمان دنيا تي ڇائنجي ويا ۽ وقت جي طاقتن کي شڪت ڏني. ان بدران اولهه جي رستي تي هلڻ کي ترقي جو رستو سمجهيو ويندو هو. وزيراعظم چيو ته مون پنهنجي ۽ اولهه ٻنهي ثقافتن کي اندر کان ڏٺو آهي ۽ ان جي تجزيي ۽ نبي ڪر??م ﷺ جي سيرت جي مطالعي کانپوءِ منهنجي سوچ ۾ تبديلي آئي. هن چيو ته نبي ڪر??م ﷺ مديني جي رياست ۾ عدل ۽ انصاف قائم ڪيو ۽ هڪ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ انسانن جي ڪرداسازي ڪئي. اسان کي اهو ڄاڻڻ گهرجي ته ڪيئن عرب جا مسلمان دنيا جي امامت جي قابل ٿي ويا، اصل ۾ اهو انقلاب ان ڪردار جي ڪر?? آيو جيڪو نبي ڪر??م ﷺ جي تعليم پيدا ڪيو. وزيراعظم چيو ته برائي جي خلاف بيهڻ جي صلاحيت ئي ڪنهن رياست جو بنياد هوندي آهي، اولهه ملڪن ۾ ڪير سوچي به نه ٿو سگهي ته ڪنهن مقصود چپڙاسي جي نالي تي ڪو پئسو چوري ڪر??، اهڙو شخص ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل ناهي رهندو، ڪنهن جو ڪوڙ پڪڙجي وڃي ته اهو سزا کان بچي نه ٿو سگهي ۽ معاشرو به اهڙي شخص جي عزت نه ٿو ڪر??. سنگاپور ۾ حڪمران جو هڪ ويجهو شخص ڪر??شن تي پڪڙيو ويو ته ان شرم ۾ ئي خودڪشي ڪر?? ڇڏي، آمريڪا، جاپان، برطانيا، نيويلينڊ، آسٽريليا ۾ ڪنهن تي ڪر??شن جو ڌٻو به لڳي وڃي ته ان لاءِ زندگي مشڪل ٿي وڃي ٿي. وزيراعظم چيو ته هتي چورن تي نيب عدالتن ٻاهران گل نڇاور ڪيا وڃن ٿا ۽ وڏا وڏا صحافي چون ٿا ته پئسو ڦري ملڪ کان ٻاهر ويٺلن کي تقريرون ڪرڻ ڏيو ۽ وڪيل چون ٿا ته انهن جي نااهلي ختم ڪر??و. وزيراعظم چيو ته معاشري ۾ جنسي ڏوهن ۽ ٻارن سان زيادتي جا واقعا وڌي رهيا آهن، استادن، عالم سڳورن سميت معاشري کي گڏجي ان جي خلاف مهم هلائڻي پوندي، اهڙن واقعن ۾ ماڻهو بدنامي جي ڊپ کان ڪيس به داخل نه ٿا ڪرائين. وزيراعظم چيو ته اسلام پردي جو تصور ڏنو آهي، اهو رڳو ڪپڙن کان پاڻ کي لڪائڻ جو نالو نه آهي پر اهو اسان جي خانداني نظام کي محفوظ بڻائڻ جو ذريعو آهي، اولهه معاشرن ۾ خانداني نظام تباهه ۽ طلاق جي شرح ۾ تمام گهڻو اضافو ٿي ويو آهي جنهن جو اثر ٻارن تي به پوي ٿو، اسان کي نوجوانن کي ان حوالي سان آگاهي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رڳو حڪومت اهڙي قسم جي مسئلن کي منهن نه ٿي ڏئي سگهي پر پوري معاشري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ٻارن کي ماءُ پيءُ جي عزت ۽ احترام ۽ انهن جي مقام بابت آگاهي ڏيڻي پوندي ۽ انهن کي انٽرنيٽ تي غلط مواد کان بچائڻو پوندو، رحمت للعالمين اٿارٽي ان سلسلي ۾ روڊ ميپ جوڙيو آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي پنهنجي عوام کي ليڊرشپ جي اسلامي تصور کان به آگاهه ڪرڻو پوندو، نبي ڪر??م ﷺ سمورن انسانن جي لاءِ رحمت بڻجي آيا، سٺا ليڊرز سدائين معاشري کي ڳنڍڻ جي ڳالهه ڪن ٿا، انسانن جي ورڇ ناهن ڪندا، نبي ڪر??م ﷺ جو خطبو حجته الوداع انسانيت جي لاءِ هڪ عظيم چارٽر آهي، پاڪستان قائم ڪرڻ جو مقصد اسلامي فلاحي رياست جو مثال بڻجڻ هو. اسان ان طرف سفر شروع ڪر?? ڇڏيو آهي، قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ جهاد آهي ڇو ته اسان جو مقابلو مافياز سان آهي جيڪي اين آر او جي لاءِ بليڪ ميل ڪن ٿا. معاشري کي انهن جي خلاف جهاد ڪرڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هر خاندان کي 10 لک رپين جي هيلٿ انشورنس فراهم ڪئي، احساس پروگرام جهڙو منصوبو ڪڏهن ڪنهن حڪومت شروع ناهي ڪيو، فٽ پاٿ ۽ رستن تي سمهندڙن جي لاءِ پناهگاهون ٺاهيون. وزيراعظم رحمت للعالمين اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ميمبرن کي يقين ڏياريو ته حڪومت جا سمورا لاڳاپيل ادارا اٿارٽي جي ڀرپور معاونت ڪندا.