اسلام آباد – 25 في??روري (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي سان ??ومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب ملاقات دوران ??نهي ايوانن ۾ قانونسازي ۽ بين معاملن بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ??ئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ سٺيون روايتون قائم ڪيون آهن ۽ هڪ ٻئي سان ??نتظامي سطح تي رابطي کي تمام گهڻي اهميت ڏني وئي آهي. سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ايوانن جي وچ ۾ قانونسازي ۽ انتظامي معاملن جي حوالي سان ??عاون مثالي رهيو آهي. ٻنهي اڳواڻن اميد جو اظهار ڪيو ته ٻنهي ايوانن پاران ??لتوا هيٺ پيل قانونسازي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو ويندو. ملاقات ۾ سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي ۽ ٻيا سينيئرز پڻ موجود هئا.