اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ڪا??هه آءِ ايس آءِ هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو، آرمي چيف، ڊي جي آءِ ايس آءِ ?? سندس ٽيم وزيراعظم کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اسان جو مقصد افغانستان ۾ استحڪام کي يقيني بڻائڻ آهي، ان لاءِ پاڪستان تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، اڄ دنيا پاڪستان جي موقف جي ويجهو نظر اچي رهي آهي.