اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته انٽرنيٽ ۽ ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻي ملڪ ۾ سياحت کي فروغ ڏئي سگهجي ٿو، سياحت جي شعبي ۾ انساني وسيلن جي کوٽ تربيت سان پو??ي ڪري سگهجي ٿي، سياحت بابت خدمتن ۽ سهولتن ۾ بهتري سان ان شعبي کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پهاڙن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان ”پهاڙ?? ۾ ??ائيدار سياحت ۽ راندين جي ترقي“ جي موضوع تي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مون کي س??احت جو وڏو شوق آهي، پاڪستان دنيا جي خوبصورت ملڪن مان هڪ آهي، هن چيو ته پاڪستا?? ۾ ??ڌمت جا ??ي شمار مذهبي ماڳ ۽ آثار آهن، ملڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي س??احت کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، سنڌو درياءُ، موهن جو دڙو تهذيب جو مرڪز رهيو آهي، هن چيو ته قدرتي ماحول سان وقت گذارڻ انسان جي فطرت ۾ شامل آهي، سياحت سان گڏوگڏ ماحول کي به بچائڻو آهي، وقت سان گڏوگڏ سياحتي ماڳن تي دٻاءُ وڌيو آهي، صدر چيو ته نامناسب منصوبابندي جي ڪري س??احتي ماڳن جو حسن خراب ٿيو آهي، آلودگي ۽ تيزي سان تعميرات جي ڪري به دلڪش نظارن جي خوبصورتي متاثر ٿي آهي، هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي قدرتي حسن جي دولت سان مالا مال ڪيو آهي، پاڪستان فطرتي حسن جي ڪري سڄي دنيا مان سياح پاڪستان ايندا آهن، ڪورونا وبا دوران عالمي سطح تي آمدرفت بند هجڻ جي ڪري مقامي س??احن پاڪستان جي قدرتي حسين مناظر ڏسڻ لاءِ سياحتي ماڳن جو رخ ڪيو ??نه?? سان پاڪستان جي قدرتي حسن کي تهشير ملي، هن چيو ته گلگت بلتستان ۾ حسين مناظر مان لطف اندوز ٿيڻ لاءِ سياح ڇڪجي ايندا آهن، گلگت بلتستا?? ۾ ??قامي آبادي کان وڌيڪ سياح سير ۽ تفريح لاءِ ايندا آهن، مقامي آبادي انهن سياحن کي پنهنجي گهر?? ۾ ??يام ۽ طعام جي س??ولت فراهم ڪندي آهي، بئنڪن پاران مقامي آبادين کي انهن جي گهرن جي توسيع لاءِ بنا وياج قرض ڏنا پيا وڃن، مقامي آبادي کي ننڍا ننڍا قرض ڏئي س??احت جي شعبي لاءِ سهولتن کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي ٿو، سياحتي س??ولتن جي طلب تمام گهڻي آهي پر ايتري س??ولت دستياب نه آهي. صدر چيو ته سياحت جي شعبي بابت لاڳاپيل انساني وسيلن جي کوٽ آهي، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت ماڻهن کي س??احتي شعبي سان لاڳاپيل صنعتن جي ٽريننگ ڏيڻ جي ضرورت آهي، گلگت بلتستان ۽ خيبرپختونخوا جي يونيورسٽين ۾ گائيڊز، هوٽل مينيجرز ۽ ڊرائيورز جي شارٽ ڪورسز ڪرايا پيا وڃن. هن چيو ته سياحتي شعبي بابت سهولتن ۽ انفرااسٽرڪچر ۾ بهتري آڻي وڌ کان وڌ ماڻهن کي س??احت طرف متوجهه ڪري سگهجي ٿو، وزيراعظم عمران خان پاڻ سياحت ۽ خوبصورت نظام کي پسند ڪندو آهي ۽ هو ملڪ ۾ سياحت جي فروغ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته هي ملڪ ۾ سياحت کي تيزي سان فروغ ڏيڻ جو بهترين وقت آهي، اسان کي دنيا کي پنهنجي ملڪ جا خوبصورت ماڳ ڏيکارڻا آهن، ان سان ملڪ ۾ روينيو به ايندو. ان موقعي تي ڪوهه پيما محمد علي سدپاره مرحوم سميت ٻين هيروز لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي، صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلند ترين چوٽيون سر ڪندڙ ڪوه پيمائن ۾ ايوارڊز ورهايا.