اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته ڪورونا وبا جي باوجود گذريل ٽن سالن جي دوران ??قريبن 11 لک ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار جا موقعا مليا. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ پوري اميد آه?? ته تقريبن 20 لک ماڻهو ٻاهرين ملڪ ويندا، اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻاهرين ملڪ ملازمت لاءِ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمينٽ پاران ??جسٽرڊ ڪيل پاڪستاني ورڪرن جي تعداد جي حوالي سان ??سٽيٽمنيٽ به شيئر ڪئي جنهن موجب 2019ع کان ??ڪٽوبر 2021ع تائين ٽن سالن ۾ مجموعي طور تي 10 ??ک 26 هزار 640 ماڻهن کي ٻاهرين ملڪ روزگار ??ليو. 2019ع ۾ 6 لک 25 هزار 203 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت حاصل ڪئي. 2020ع ۾ 2 لک 24 هزار 705 ۽ 2021ع ۾ هڪ لک 76 هزار 732 ماڻهن ٻاهرين ملڪ ملازمت تي ويا.