اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين سينيئ?? صحافي رفيق آزاد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته مرحوم رفيق آزاد هڪ سچو ۽ بي باڪ صحافي هو، سندس لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال ڪڏهن ??ه نه ڀرجندو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته مرحوم رفيق آزاد جي صحافت جي شعبي ۾ اڻٿڪ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحو?? کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.