اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سا?? آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم نيازي ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ مرحوم ڪشميري حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ايصال ثواب لاءِ فات??ه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي چيو ته سيد علي گيلاني ڪشميرين جي خودمختياري جي حق لاءِ پنهنجي آخري ساهه تائين جدوجهد جاري رکي، پاڪستان جي عوام جون سموريون همدرديون سوڳوار خاند??ن سان آهن. بعد ۾ ملاقات ۾ آزاد ڪشمير ۾ گورننس کي بهتر بڻائڻ ۽ عام ماڻهو کي ريليف پهچائڻ جي ل??ءِ ٺاهيل گهٽ مدي ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي.