اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻن ترڪ شهرين ڊاڪٽر سلامي ڪليچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي استنبول ۾ اعزاز ورهائڻ واري خصوصي تقريب ۾ ايوارڊز ڏنا. صدر عارف علوي ڊاڪٽر سلامي ڪليچ کي پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض ستاره امتياز سان نوازيو. ڊاڪٽر سلا??ي پاڪستان ۾ 2005ع جي تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ امدادي سرگرمين ۾ حصو ورتو هو. پاڪستان ۾ 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ ڊاڪٽر سلامي ڊيره مراد جمالي ۾ هڪ فيلڊ اسپتال قائم ڪرڻ ?? پڻ مدد ڪئي هئي. هو مظفر ڳڙهه ۾ رجب طيب اردوان اسپتال قائم ڪرڻ ?? به اڳتي رهيو. صدر پاڪستان جي لاءِ خدمتن جي عيوض پروفيسر ڊاڪٽر جلال سويدان کي ستاره قائداعظم جي ايوارڊ سان نوازيو. هو استنبول يونيورسٽي ۾ اردو شعبي جو سربراهه آهي. ڊاڪٽر جلال پنهنجي ٽن ڏهاڪن تي ٻڌل ڪيريئر ۾ ترڪي زبان ۾ اردو ۽ اردو ادب جي فروغ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏ??يون آهن. ڊاڪٽر جلال 20 ڪتابن جو ليکڪ آهي جڏهن ته قومي ۽ عالمي رسالن ۾ اردو ?? ترڪيءَ ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ مضمون ۽ مقالا شايع ٿي چڪا آهن. ڊاڪٽر جلال اقباليات جي شعبي ۾ پڻ نمايان خدمتون سرانجام ڏ??يون. ڊاڪٽر جلال علامه اقبال جي لکڻين ۽ ار??غا?? حجاز، ضرب ڪليم، بال جبريل، بانگ در ۽ اسلام ۾ مذهبي فڪر جو ترڪ زبان ۾ ترجمو ڪري چڪو آهي.