اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سا?? نائيج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو جي ق??ادت ۾ پارلياماني وفد ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وفد سا?? ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ”لُڪ افريقا“ پاليسي تحت نائيجر سا?? پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان ۽ نائيج?? جي وچ ۾ ٻطرفن معاشي ۽ واپاري لاڳاپن ۾ اضافي جي ضرور?? آهي. صدر چيو ته پاڪستان هن سا?? نائيج?? جي 100 شاگردن کي پاڪستان ۾ تعليم لاءِ اسڪالرشپ ڏيندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ نائيج?? جي وچ ۾ پارلياماني تعاون جي يادداشت سا?? ٻطرفن لاڳاپن ۾ وڌيڪ بهتري ايندي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار ?? ڪاروبا?? جي فروغ لاءِ ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرور?? آهي. نائيج?? جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سيني عُمارو چيو ته نائيجر پاڪستان سا?? مختلف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جو خواهشمند آهي، نائيجر ڪاروبار، معيشت، واپار ?? زراعت جي شعبن ۾ پاڪستان سا?? مضبوط لاڳاپا چاهي ٿو، جڏهن ته زرعي پيداوار ?? اضافي ۽ نهري نظام جي تعمير لاءِ پاڪستان جي مدد جو خواهشمند آهي. نائيجر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پاڪستان پاران 100 اسڪالرشپس ۽ مهمانوازي تي پاڪستان کي ساراهيو. ان موقعي تي هن صدر کي نائيج?? جي دوري جي به دعوت ڏني.