اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي ??يص??ا ڪيا، وزيراعظم عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سم??رٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ??ينهن مڪمل ٿيڻ تي پ??هنجي مبارڪباد واري پ??غام ۾ اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورونا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سم??رٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پ??ري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورونا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پ??ري ٽيم کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.