اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر رضا باقر ملاقات ڪئي. وزيراعظم هائوس جي ميڊيا آفيس پا??ان جاري پريس رليز موجب ملاقات ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر وزيراعظم کي ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري کانپوءِ اتي رهندڙ پاڪستانين جي روشن ڊجيٽل اڪائونٽ جي استعمال ۾ اضافي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي، جنهن سان پرڏيهي نا??ي جي ذخيرن تي چڱي خاصو مثبت اثر پئجي رهيا آهن.