اسلام آباد – 08 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نئون پاڪس??ان هائوسنگ اٿارٽي جي منصوبي فراش ٽائون اپارٽمنٽس اسلام آباد جي پيڙهه جو پٿر رکي ڇڏيو آهي. اهو منصوبو ايف ڊبليو او، سي ڊي اي ۽ نئون پاڪس??ان هائوسنگ اينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار ??ان ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب منصوبي ۾ جديد سهولتن ??ان آراسته 3960 فليٽس ٺاهيا ويندا، جيڪي رهواسين کي سستي رهائشي فراهم ڪن??ا. 84 ايڪڙ تي ٻڌل ان منصوبي ۾ وزيراعظم جي ويزن موجب وچولي طبقي ۽ ڪچي آبادين جي رهواسين لاءِ خصوصي طور تي فليٽس مختص ڪيا ويا آهن، منصوبي جي ماحولياتي رخ کي نظر ۾ رکندي گرين بيلٽس ۽ پارڪس جي قيام کي به خصوصي ڌيان ڏنو ويو آهي، وزيراعظم ان موقعي تي ٻوٽو به لڳايو.