اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان حل تجويز ڪيا وڃن، ڪڻڪ تي ايندڙ انتظامي خرچن جي هر رخ جو تفصيلي جائزو ورتو وڃي ۽ اهڙو نظام جوڙيو ??ڃي ته خرچن جي مد ۾ غير ضروري طور تي ايندڙ هر روپئي جي بچت ڪئي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان حڪومتي معاشي ٽيم جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بخت??ار?? ناڻي واري وزير ڊ??ڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جي صلاحڪار ڊ??ڪٽر عشرت حسين، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، خاص مددگار ڊ??ڪٽر وقار مسعود، نديم بابر، تابش گوهر ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بنيادي ضروري شين جي قيمتن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ لاءِ مختلف تجويز ڪيل قدمن تي غور ڪيو ??يو. ناڻي واري وزير ڊ??ڪٽر عبدالحفيظ شيخ وزيراعظم کي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار ۽ ملڪي ضرورتن کي پورو ڪرڻ، سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري ۽ پهچ، اسٽوريج ۽ ٻين انتظامي خرچن ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ مفصل پل??ن جوڙڻ تي ڪم جاري آهي، ان حوالي سان تفصيلي پل??ن جلد وزيراعظم کي پيش ڪيو ??يندو. وزيراعظم جي خاص مددگار ڊ??ڪٽر وقار مسعود وزيراعظم کي درآمد ??يل گيهي، دالين ۽ ٻين جنسن تي ڊيوٽيز جي شرح ۽ موجوده حالتن ۾ حڪومت پاران ڏنل ڇوٽ تي تفصيلي بريفنگ ڏني. درآمد ??يل گيهي وغيره تي ٽيڪسن جي حوالي سان خطي جي ٻين ملڪن جو چٽاڀيٽي جائزو به پيش ڪيو ??يو. اجلاس ۾ پيٽروليم مصنوعات جي حوالي سان اوگرا پاران پيش ڪيل سفارشن تي به غور ڪيو ??يو، وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس اولين ترجيح غريب عوام کي رليف فراهم ڪرڻ آهي. وزيراعظم معاشي ٽيم کي هدايت ڪئي ته عوام تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي باري ۾ گهٽتائي جي حوالي سان آئوٽ آف باڪس حل تجويز ڪيا وڃن ته جيئن جتي غريب ماڻهو تي پوندڙ اڻ سڌي ٽيڪسن جي بار کي گهٽ ڪيو ??ڃي، اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو ??ڃي ته ملڪ جي آمدني ۽ خرچن ۾ توازن برقرار رکيو ??ڃي ۽ ملڪ کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ وڃڻ کان بچائي سگهجي.