اسلام آباد – 22 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گالف جي فروغ س??ن گڏوگڏ ٻاهرئين ملڪ بهتر نمائندگي جي لاءِ گالفرز جي حوصلا افزائي ضروري آهي. اها ڳالهه هن 47 هين پاڪستان اوپن گالف چيمپئن شپ جي انعام ورهائڻ واري تقريب کي خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي چئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته آئون پاڻ به گالف جو شوق رکان ٿو، اها هڪ ??نت??ائي دلچسپ راند آهي. هن چيمپئن شپ کٽيندڙن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته راند ۾ کٽڻ جي جست??و ٽيلنٽ کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته بي پناهه جوش ۽ جذبي جي ڪري پاڪستان ماضي ۾ سهولتن ۽ وسيلن جي کوٽ جي باوجود ورلڊ ڪلاس هاڪي ۽ اسڪوائش جا رانديگر تيار ڪيا.