صدر آصف علي زرداري پاران پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شهادت تي افسوس جو اظهار

image

اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر مستونگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر پنجگور تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ پنجگور جي ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي شهادت تي دلي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن ڊپٽي ڪمشنر ذاڪر بلوچ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجن جي بلندي ۽ گهرڀاتين جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.

مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش
متعلقہ مضامین
مزید خبریں