نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر

image
APP37-131221 ISLAMABAD: December 13 – President Dr. Arif Alvi in a group photo with the Senate of National Skills University, Islamabad at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 13 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽين تي وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪل يونيورسٽي اسلام آباد جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. صدر چيو ته نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ ۽ مارڪيٽ ضرورتن موجب افرادي قوت پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي وڌندڙ ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ هنرمند شاگرد تيار ڪن، وائيس چانسلر نيشنل اسڪل يونيورسٽي پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختيار اجلاس کي يونيورسٽي تي بريفنگ ڏني، اجلاس کي ٻي سينيٽ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن تي عملدرآمد تي به بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي کي ايڇ اي سي جي پاران اليڪٽريڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، ڪيميڪل انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، سول انجنيئرنگ ٽيڪنالاجي، انفارميشن ٽيڪنالاجي، ميڊيڪل ليب ٽيڪنالاجي ۽ رياضي جا نوان ڪلاسز شروع ڪرڻ جو اين او سي ملي ويو، اجلاس ۾ نيشنل اسڪل يونيورسٽي جي 20 آڪٽوبر 2021ع جي ٿيندڙ ٻي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں