صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ڪيوبا جي سفير جي الوداعي ملاقات

image
APP21-080121 ISLAMABAD: January 08 – The outgoing Cuban Ambassador, Mr. Gabriel Tiel Capote, calls on President Dr. Arif Alvi, at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون کي ساراهي ٿو.

مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں