حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ کي فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي: وزيراعظم

image
APP63-13 ISLAMABAD: January 13 - Prime Minister Imran Khan chairing a meeting to review progress regarding the socio-economic development of Khyber Pakhtunkhwa. APP

اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته وفاقي حڪومت انضمام ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ فنڊن جي فوري فراهمي لاءِ پرعزم آهي، ضم ٿيل علائقن جي تعمير ۽ ترقي ۽ انهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪجهه ٻاهران عنصر انهن علائقن ۾ انتشار پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عوام سان گڏجي اهڙن ٻاهرين عنصرن جي سازشن کي ناڪام بڻائڻو آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن خيبرپختونخواهه صوبي ۾ توانائي، هائير ايجوڪيشن، صحت، ترقياتي منصوبن بابت معاملن ۽ خاص طور ضم ٿيل علائقن ۾ ترقياتي منصوبن جي رفتار جي جائزي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná
متعلقہ مضامین
مزید خبریں